ڊپريشن

Depression

تعارف:-

ھر ڪنھن ماڻھون جي زندگي مي اڪثر اھڙو وقت ايندو آھي جڏھن اھي اداسي،مايوسي ائين بيزاري مي مبتلا ٿي ويندا آھن- عام طور تي اھي علامتون ھڪ يا ٻه ھفتن مي ٺيڪ ٿي وينديون آھن اھين اسان جي زندگين تي ان جو ڪو خاص فرق نه پوندو آھي-

پر اگر اھي علامتون ڪجھ ھفته يا ڪجھ مھينن لاه ھجن يا وري اھي اسان جي روز مره جي زندگي تي اثر انداز ٿين ته پو توھان ذھني ڊپريشن جو شڪار ٿي سگھو ٿا اھين اوھان کي مدد وٺڻ گھرجي-

ڊپريشن جون علامتون:-

ڊپريشن جي بيماري ھلڪي ڦلڪي، وچ ٿري اھين سخت قسم جي ٿي سگھي ٿي- ماڻھن جي ڪلچر،ذاتي خيال،عقيدن اھين زبان جي اثر جي ڪري اھي ڊپريشن کي مختلف انداز مي محسوس ڪندا آھن-

ذھني علامتون:-

اگر اوھان ڊپريشن جا شڪار آھيو ته اوھان ھنن علامتن مان ڪجھ علامتون محسوس ڪندا:

١-اوھان اداس محسوس ڪندااھين اھا اداسي پاڻ ختم نه ٿيندي ائين ڏينھن جي ڪنھن خاص وقت اھا اداسي وڌي ويندي خاص ڪري صبح جي مھل

٢-اوھان ڪنھن به شئي مي مزو يا لطف محسوس نه ڪري سگھندا

٣- ماڻھن اھين دوستن سان ملڻ مي اوھان جي دلچسپي گھٽ ٿي ويندي

٤-ڪنھن به ڳالھ تي ڌيان ڏيڻ اھين فيصلا ڪرڻ مي ڏکيائي محسوس ڪندا

٥-اوھان جي خود اعتمادي گھٽ ٿي ويندي

٦-اوھان پاڻ کي ھر ناڪامي جو ذميدار سمجھندا ائين اھو محسوس ڪندا ته اوھان جي زندگي جي ڪا به اھميت ناھي-

٧-ھر وقت اوھان جي ذھن مي منفي سوچن جو اچڻ

٨-مستقبل کان مايوس ٿي وڃڻ

٩-خود ڪشي جا خيال اچڻ يا وري خود ڪشي جي ڪوشس ڪرڻ

جسماني علامتون:-

١-بي چيني ائين بي سڪوني محسوس ڪرڻ

٢-ٿڪاوٽ محسوس ڪرڻ اھين ڪم ڪرڻ جي ھمت نه رھي

٣-ننڊ نه اچڻ يا وري حد کان وڌيڪ سمھڻ

٤-آڌي رات يا وري صبح سويري اک جو کلڻ

٥-مٿي يا وري معدي مي سور ٿيڻ

٦-جنسي خواھش جو گھٽ ٿيڻ

٧-بک جو گھٽجي وڃڻ ائين وزن گھٽجڻ يا وري گھڻو کائڻ ائين وزن جو وڌي وڃڻ

ٻيا ماڻھون اوھان مي ھي علامتون محسوس ڪري سگھن ٿا:-

١-ڪم مي ڌيان نه لڳڻ ائين غلطيون ڪرڻ

٢-الڳ رھڻ ائين ماڻھن سان ميل جول گھٽ رکڻ

٣-ھر وقت پريشانين يا ڳڻتين جو شڪار رھڻ

٤-ھر وقت چڙ چڙوپن وارو رويو

٥-مختلف جسماني بيمارين جي شڪايت ڪرڻ

٦- پنھنجي شخصيت ائين صفائي سٿرائي جو خيال نه رکڻ، وارن اھين ڪپڙن کي نه ڌوئڻ

٧-گھر جي صفائي سٿرائي جو خيال نه رکڻ-

گھڻا ماڻھون اھي سڀ علامتون محسوس نه ڪندا،ڪجھ ماڻھون صرف جسماني علامتون محسوس ڪندا.توھان شايد اھو سمجھو ته اوھان ڪنھن جسماني بيماري جو شڪار آھيو ڇا ڪاڻ ته اوھان ٿڪاوٽ اھين ننڊ مي خرابي کي محسوس ڪندا،پر درحقيقت اھي جسماني علامتون ڊپريشن جي پھرين علامت ٿي سگھي ٿي-

اوھان کي شايد اھا خبر نه پوي ته اوھان ڪيترا ڊپريس آھيو ايستائين جو اوھان جو ڪو دوست يا وري ڪو مٽ مائٽ انھي طرف اوھان جو ڌيان ڇڪائين ائين اوھان کي اھو چون ته ڪنھن کي ڏيکاريو-

اوھان کي ان وقت به مدد جي ضرورت آھي جنھن وقت اوھان يا اوھان جا دوست يا وري اوھان جا مائٽ محسوس ڪن ته:-

١- اوھان جو ڊپريشن اوھان جي کم ائين مشغلن کي متاثر ڪري ائين اوھان جي گھر وارن اھين دوستن متعلق اوھان جا احساسات تبديل ٿي سگھن ٿا-

٢-اوھان جي اداسي ائين ڊپريشن جو مستقل رھڻ ائين بھتر نه ٿيڻ-

٣-زندگي اوھان کي بوجھ لڳڻ لڳي ائين اوھان اھيو محسوس ڪريو ته اوھان جي مرڻ کانپوه ٻين جي زندگي آسان ٿي ويندي-

ڪڏھن مريض کي ڊپريشن سان گڏ گھٻراھٽ جي بيماري به ٿي سگھي ٿي يا ڪڏھن وري ڪڏھن (مينيا)(گھڻي يا ھرو ڀرو جي تيزي) ((Mania

به ٿي سگھي ٿي ، جھن مي مريض کي بغير ڪنھن وجه جي گھڻي خوشي ٿئي اھين ھو پنھنجي پاڻ کي ڪا وڏي ھستي سمجھڻ لڳي-

ڊپريشن ڇو ٿئي ٿو؟

ڊپريشن ڪنھن ڪمزوري جي نشاني نه آھي ، ائين اھو ھرعام و خاص ماڻھون کي ٿي سگھي ٿو - ڪڏھن ان جو واضح سبب موجود ھوندو آھي جيئن ڪنھن پنھنجي جو فوت ٿي وڃڻ، رشتي داري جا مسئلا، نوڪري جو ختم ٿيڻ.

ڪجھ جسماني بيماريون جھڙو ڪر ڪينسر،ھڏن جو سور،غدود يا دل جو مسئلو به ڊپريشن جو سبب ٿي سگھي ٿو-

اگر ڪنھن ماڻھون جو ننڍپڻ تڪليف وارو گذريو آھي،يا وري ھو ڪنھن جسماني يا ذھني تشدد جو شڪار رھيو آھي ته اھو ماڻھون ٻين جي ڀيٽ مي ڊپريشن جو وڌيڪ شڪار ٿيندو-

شراب نوشي اھين ٻين نشاور شين جھڙوڪ چرس،ڀنگ،ھيروئن وغيره جو استعمال بج ڊپريشن جو سبب ٿي سگھي ٿو-

ڊپريشن موروثي بيماري ٿي سگھي ٿي ، اگر ڪنھن جي والدين کي ڊپريشن آھي ته اھو شخص ٻين جي ڀيٽ مي ڊپريشن جو وڌيڪ شڪار ٿي سگھي ٿو-

ڇا ڊپريشن مي جنسي بنياد ٿي ڪو فرق ٿئي ٿو؟

جيڪي مرد ڊپريشن جو شڪار ٿين ٿا اھي عورتن جي ڀيٽ مي گھٽ مدد وٺن ٿا-اھي پنھنجي ڊپريشن جو اظھار ڪاوڙ ذريعي ، شراب نوشي يا وري نشو استعمال ڪري ڪندا آھن-عورتن جي ڀيٽ مي مرد وڌيڪ خودڪشي ڪندا آھن-

ويم دوران تقريباً ١٢٪ عورتون ڊپريشن جو شڪات ٿينديون آھن- تقريباً ١٥-٢٠٪ عورتون ٻار پيدا ڪرڻ ڪي ھڪ سال کانپوه ڊپريشن ڪو شڪار ٿينديون آھن-ٽيئن جنس وارا ماڻھون ٻين جي ڀيٽ مي ڊپريشن جو گھڻو شڪار ٿين ٿا-

ڇا آئون پاڻ بھتر ٿي سگھان ٿو؟

اڪثر ماڻھون بغير ڪنھن دوا جي ھنن شين ذريعي بھتر ٿي ويندا آھن ، مثلً ٻين سان ڳالھائڻ ،ورزش ڪرڻ، سٺي خوراڪ وٺڻ،نشي کان پري رھڻ ، روز مره ذنگي مي مستقل مزاجي اھين سٺو معمول رکڻ،ننڊ جي معمول کي بھتر بنائڻ ، گھمڻ ڦرڻ لاه ٻاھر وڃڻ وغيره-

.اگر اوھان کي ھڪ دفعو ڊپريشن ٿيو آھي ته ان ڳالھ جو٥٠٪ امڪان آھي ته اوھام کي ٻيھر ڊپريشن ٿئي-

ڊپريشن جو علاج ڇا آھي؟

ڳالھين وسيلي ڊپريشن جو علاج ممڪن آھي جنھن کي سائيڪوٿراپي چوندا آھن-اڪثر ڪرر ڊپريشن مي مريض پنھنجي احساسات،دل جي ڪيفيعت اھين جذبن متعلق مٽن مائٽن ائين دوستن سال ڳالھائڻ مي ڏکيائي محسوس ڪندو آھي.اھڙي حالت مي نفسيات جي ماھر (سائيڪولوجسٽ) سان ڳالاھڻ آسان لڳندو آھي-انھي علاج مي وقت لڳندو آھي ائين اوھان کي سائيڪولاجسٽ سان ھر ھفتي ھڪ ڪلاڪ لاه ملڻو پوندو آھي اھين اھو عمل ١٢ کان ٢٤ ھفتن تائين ھلندو آھي-

دوائن ذريعي ڊپريشن جو علاج:-

اگر اوھان جو ڊپريشن شديد ھجي ته ان صورت مي ماھر نفسيات اوھان کي اينٽي ڊپريسنٽ دوا ڏئي سگھي ٿو.جنھن جي استعمال سان اوھان پنھنجي مزاج ، طبيعت مي بھتري محسوس ڪندا ائين اوھان کي زندگي بھتر لڳڻ لڳندي.اوھان مي خود اعتمادي وڌندي ائين دنياوي مسئلن سان مقابلو ڪرڻ مي آساني محسوس ٿيندي ائين چڙ چڙو پن به گھٽ ٿي ويندو-پر اھا بھتري ھڪ دم نه ايندي تقريباً ٻه کان چار ھفتن لڳندا-اگر ڪجھ مھينا ھڪ دوا استعمال ڪرڻ سان فائدو محسوس نه ٿئي ته پنھنجي ماھر نفسيات سان رابطو ڪريو ٿي سگھي ٿو ته اوھان جو ڊاڪٽر يا ته دوا جو وذن وڌائي يا وري ڪا ٻي دوا تجويز ڪري-

اينٽي ڊپريسنٽس دوائون انسان جي جسم مي ڪجھ ڪيميائي تبديليون آڻين ٿيون-اسان سڀني انسانن جي جسم مي ھڪ ڪيميائي مادو موجود آھي جنھن کي سيروٽونن چوندا آھن ، ڊپريشن مي جسم ائين دماغ مي سيروٽونن جي مقدار گھٽ ٿي ويندي آھي-اھي دوائون سيروٽونن جي مقدار کي وڌائين ٿيون-

ھر دوا وانگر اينٽي ڊپريسنٽ دوائن جا ڪجھ مضر اثرات ٿي سگھن ٿا جيئن شروعات مي الٽي ائين بي چئني محسوس ٿيڻ،گلي مي خشڪي جو محسوس ٿيڻ يا وري قبض جي شڪايت- پر اڪثر ڪري اھي مضر اثرات ڪجھ ھفتن مي ختم ٿي ويندا آھن پر اگر تڪليف وڌي وڃي ته پنھنجي ماھر نفسيات سان رابطو ڪرڻ گھرجي-

ڪجھ اينٽي ڊپريسنٽس دوائن سان ننڊ ايندي آھي انھي ڪري اھڙي دوا کي رات جو وٺڻ جي تلقين ڪئي ويندي آھي-ننڊ يا غندوگي واري ڪيفيت مي گاڏي ھلائڻ يا ڪنھن ڳري مشين کي کڻڻ يا ھلائڻ کان پاسو ڪرڻ کپي-

ڪجھ دوائن جو اينٽي ڊپريسنٽ دوائن سان گڏ استعمال

سان ري ايڪشن ٿي سگھي ٿو ان ڪري ڪا به نئين دوا

پنھنجي ڊاڪٽر جي مشوري بغير استعمال نه ڪريو-

ڊپريشن جي دوا ڪيترو وقت استعمال ڪجي؟

جڏھن طبيعت مي بھتري محسوس ٿيڻ لڳي ان وقت کان وٺي گھٽ مي گھٽ ڇھ مھينن تائين اھا دوا وٺڻي آھي-دوا بند ڪرڻ جي صورت مي ڊپريشن جي مرض جون علامتون ٻيھر ظاھر ٿي سگھن ٿيون-

اڪثر ماڻھون اھو سمجھندا آھن ته شايد انھن کي زندگي ڀر ڊپريشن جي دوا وٺڻي پوندي پر حقيقت مي اھا ڳالھ درست ڪونھي-

عم ماڻھن مي ٻي اھا ڳالھ به مشھور آھي ته ڊپريشن جون دوائون استعمال ڪرڻ سان ماڻھون انھن جو نشي وانگر عادي ٿي ويندو آھي پر انھن ڳالھين مي ڪا به صداقت ناھي-

ڪڏھن به اينٽي ڊپريسنٽ دوا کي بغير ڊاڪٽر جي مشوري ھڪ دم بند نه ڪجي ائين ڪرڻ سان گھٻراھٽ ، پريشاني،مزاج مي چڙ چڙو پن جو اچڻ، ننڊ جو خراب ٿيڻ، جلاب ائين برا خواب اچي سگھن ٿا-

دوا شروع ڪرڻ کانپوه شروعات مي ٻن ھفتن کانپوه ماھر نفسيات ڪي ڏيکاريو،ڪجھ عرصي کانپوه ٽن مھينن تائين ھر مھيني ڏيکاريو-

ڪوشس ڪري ڪنھن ماھر اھين ڄاڻو ماھر نفسيات کي ڏيکاريو-ساڳئي ماھر نفسايت کي ڏيکاريو ته جيئن علاج مي يڪسوئي رھي-بار بار ماھر نفسيات مٽائڻ سان علاج مي خلل پيدا ٿيندو آھي-

مشيني جھٽڪن ذريعي ڊپريشن جو علاج:-

ڪجھ صورتن مي جڏھن ڊپريشن شديد سخت ٿي وڃي ائين سائيڪوٿراپي ائين دوائن سان مريض کي ڪو فائدو نه ٿئي ائين مريض خود ڪشي ڪرڻ وارو ھجي يا علاج نه ڪرڻ جي صورت مي سندس زندگي کي خطرو ھجي ان صورت مي ھڪ مشين ذريعي ،بيھوشي دوران بيھوشي واري ڊاڪٽر، ماھر نفسيات ائين نرسن جي موجودگي مي ھلڪي ڪرنٽ سان مريض جي دماغ کي ڪجھ سيڪنڊن لاه جھٽڪا ڏنا ويندا آھن ان علاج سان مريض ڪافي بھتري محسوس ڪندو آھي- ھڪ علاج جي دوران اھو عمل ڇھ کان ٻارنھن دفعا ڪيو ويندو-

ھي معلوماتي پوسٽر

ڊاڪٽر اسمائيل ميمڻ (ايم آر سي سائيڪ، MRCPsych )

ڊاڪٽر ادريس پنھور (ايم آر سي جي پي، MRCGP)

رائل ڪاليج آف سائيڪٽري برطانيه جي مدد سان گڏجي تعيار ڪيو آھي-

 February 2022, kindly translated by Dr Ismail Memon

Read more to receive further information regarding a career in psychiatry